HOME ABOUT TEAM BECOME A MEMBER REPORTS PICTURE GALLERY CONTACT   MY ACCOUNT
 
  Click here to view all news facebook.com tweeter.com  
  Press Release 15-11-2014 (Sindhi)

Convocation of Farmers Training and Skill Development Centre

 

سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر، آبادگارن جي زرعي سکيا ۽ صلاحيتن جي واڌاري جي مرڪز طرفان ٽريننگ حاصل ڪندڙ آبادگارن ۾ سرٽيفڪٽ ورهائڻ واري تقريب حيدرآباد جي آفيس ۾ ٿي گذري.

تقريب ۾ مهمان خصوصي پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي (وائس چانسلر، سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊوڄام) تقرير ڪندي سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ چيو ته ادارو ملڪ جي زراعت ۾ ترقي آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

ايوان زراعت سنڌ جي صدر ڊاڪٽر سيد نديم قمر زمان شاه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته  ايوان زراعت سنڌ آبادگارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ آبادگارن ۽ شاگردن کي سکيا لاءِ قئم اسڪول بهتري سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته زراعت ۾ ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ آبادگارن کي هن ٽريننگ مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.

تقريب ۾ ٽريننگ ۾ سکيا حاصل ڪندڙن کي اعزازي سرٽيفيڪيٽ ڏنا.

ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري نبي بخش سٺيو چيو ته ايوان زراعت جي سکيا واري اسڪول مان شاگردن ۽ آبادگارن ٽريننگ حاصل ڪري زراعت ۾ تمام وڏي بهتري آڻي سگهندا. سنڌ جي آبادگارن کي گهرجي ته اهي هن ٽريننگ مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪن.

اسڪول جي سکيا واري پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر نظير حيدر شاه چيو ته سکيا واري هن پروگرام ۾ ٽريننگ حاصل ڪندڙن کي زراعت جي حوالي سان پريڪٽيڪل به ڪرايو وڃي ٿو.

سرٽيفيڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي اسڪول جي پرنسيپال پروفيسر ڊاڪٽر نور جهان اسماعيلي سميت ليڪچرارز انجنيئر اظهار مٺل جسڪاڻي ۽ فاروق سومرو به خطاب ڪيو.

 
Advertisement



ADVERTISE HERE...
 
 
 
  Privacy Policy  Terms of Service  
  DESIGNED BY WEBINNOVATION.NET